ٻڪر وال

ٻَڪر والُ: اتر اوڀر کان آيل مينھن، جيڪو گجگوڙ ۽ کنوڻ سان اچي ۽ گھڻيءَ دير تائين وسي. دراصل اھو مينھن جھڪ ۽ واچوڙي سان گڏ ايندو آھي ۽ اھڙو ته تيز رفتار ھوندو آھي، جو مال کي واڙي ۾ بند ڪرڻ جي وٿي ئي ڪا نه ملندي آھي. ٻڪر وال يا ٻڪراڙ کنوڻ، اتر اوڀر کان ايندڙ تيز ۽ گجگوڙ سان ايندڙ مينهن سان گڏ تيز کنوڻ کي چئبو آهي .


لفظ ٻڪر والھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو